امان الله مهر

امان الله مهر: امان الله ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ جا پنج درجا پاس ڪرڻ بعد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳڙهي ياسين جي مشهور عالم مولانا محمد ابراهيم جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين، جتي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪري صرف ونحو جو به علم حاصل ڪيائين. پنهنجي استاد جي رهنمائيءَ ۾ حمد، نعت ۽ مداحون لکندو رهيو، 1960ع کان باقاعدي غزل ۽ نظم به لکڻ لڳو. سندس شاعريءَ جا ننڍا ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ’پيغام الفت‘، ’گلشن نعت‘، ’اظهار عشق‘، ’جام وحدت‘، ’ساز صحبت‘ ۽ ’راز محبت‘ قابل ذڪر آهن. هو ڪيترن ئي مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.01.1916  عيسوي

امان الله ولد مولوي جان محمد مهر 16 جنوري 1916ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ فرازي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
زين العابدين ٺٽوي سيد
خسته نور محمد
اويڙ پلي
عبدالله شرر
حاجي عبدالله ڊکڻ
ڀون سنڌي
انور منصور مڱريو
بکر شيخ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون